SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


برهمي رسم الخط


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

برهمي رسم الخط

(Brahmi Script)

برهمي رسم الخط 5000 ق. م. اڳ جي آهي، جيڪا هن وقت مروج نه آهي. عالمن جي خيال ۾ هن خط جو واسطو سنڌو تهذيب جي هڙاپا دور سان آهي. اها ان دور جي ٻوليءَ جي سڌريل صورتخطي هئي. ’ڏکڻ ايشيا جي ٻولين ۽ لپين جي ڊائريڪٽريءَ ‘ جي ليکڪن موجب: بنگالي، ديو ناگري، گجراتي، گرمکي، ڪنڙ، ملايالم، سنهالي، تامل، تيلگو ۽ تبتي لپيون، هن خط مان جڙيون آهن. جپان ۾ هن خط جي ڪيليگرافيءَ وارو نمونو آرٽ جو درجو رکي ٿو. هن لپيءَ ۾ 19 حرف علت ۽ 33 وينجن آهن. ايڊورڊ ٿامس موجب هي خط دراوڙن ايجاد ڪيو. هن خط کي تصويري لکت جي ترقي يافته صورت قرار ڏنو وڃي ٿو. ڪجهه لسانيات جا ماهر هن خط کي سامي لپي، يوناني لپيءَ ۽ فونيشي خط جي صورت ڪوٺين ٿا، پر جديد دؤر جي لسانياتي ماهرن موجب هي خط قديم هند-سنڌ جي لپين جي سڌريل صورت آهي. ٻوڌي عباتگاهن مان پهرين صدي عيسويءَ جي دؤر جون برهمي لکتون دستياب ٿيون آهن، جيڪي خاص طور ٽامي جي ٿالهين تي اڪريل آهن.


Remember Me Also:

چنڊاڙ

ذ. صفت. چنڊالُ ، چَنڊو ، نِڀاڳو ، مَنحُوس. ڏسو ”چنڊو“.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal